شيخ ڪبير

شيخ، ڪبير: شيخ ڪبير جو پورو نالو محمد ڪبير ولد محمد صديقي هو. هن لڳ ڀڳ نائين صدي هجريءَ/پندرهين صدي عيسويءَ ڌاري ڪوٽڙي ڪبير، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. هي پنهنجي دور جو ناميارو عالم ۽ اسلام جو مبلغ هو. ڪوٽڙي ڪبير شهر تي سندس نالي جي نسبت سان اهو نالو پيو. علمي فضيلت جي ڪري ‘شيخ’ سڏبو هو. هيءُ پنهنجي وڏي ڏاڏي مخدوم شيخ اسحاق جي اٺين پيڙهيءَ مان هو. سندس خاندان جو شجرو حضرت ابو بڪر صديق سان ملي ٿو. سندس خاندان آڳاٽي وقت کان سنڌ ۾ آباد هو. هن تدريس ۽ تعليم لاءِ ايتريون خدمتون سرانجام ڏنيون، جو کانئس پوءِ ڪوٽڙي ڪبير علمي شهر شمار ٿيڻ لڳو.
سندس فرزند رحمت شاهه، ميان قاسم ۽ ميان الله دوست مشهور ناليوارا بزرگ ۽ مبلغ ٿي گذريا. هن بزرگ ڪوٽڙي ڪبير ۾ درسگاهه ۽ هڪ عاليشان ڪتب خاني جو بنياد وڌو، جنهن ۾ دينيات، فقه، نصاب، علم نحو، تفسير ۽ حديث وغيره جي هٿ سان لکيل ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو. اها درسگاهه ۽ اهو ڪتب خانو سندس خاندان جي عالم ۽ اڪابر فردن سنڀاليو. انگريزن جي دور ۾ درسگاهه جو پروانو رد ٿيڻ ڪري گھڻا ڪتاب ضايع ٿيا، تڏهن به شيخ ڪبير جي خاندان مانغوث بخش گوهر جي لائبرريءَ ۾ انهن مان ڪي مخطوطه اڃا پڻ موجود آهن. انهن مخطوطن جي توثيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ڪئي ۽ ڄاڻايو ته ڪوٽڙي ڪبير ۾ شيخ ڪبير ۽ سندس خاندان پنهنجي وقت جو وڏو علمي گھراڻو رهيو آهي.
شيخ ڪبير پنهنجي اهل مماتي جي مقبول بزرگن مان هو. ڪتاب ‘تحفة الڪرام’ جي مصنف علي شير قانع ٺٽويءَ پڻ هن بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي.
هن صاحبِ علم بزرگ يارهين صديءَ هجري/ سترهين صدي عيسويءَ ڌاري وفات ڪئي.


لفظ شيخ ڪبيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو